اسان جا درد صوفی آھن

 🙏🙏

اسان جا درد صوفي هن

صدا گيڙو رتا ڪپڙا

ددڙ ۽ دوڙ رستن تي

صفا هن ڪوڙ رستن تي

دلين جا ديپ ٻاريون ٿا

اسان اندر اجاريون ٿا

وڇوڙا رات ۾ ويڙهيل

جڏھن ايندا اکڙين ۾ 

کڻي چپڙيون ۽ يڪتارا وصل جا گيت واريون ٿا

تڏهن هي درياء جيڏي دل کڻي 

اسين ترندي تنواريون ٿا

اسان جا درد صوفي هن

اوهان جا قهر قوفي هن

يزيدي وقت ويريء آ 

تاريخ سڄي ميري آ 

مگر پوءِ به  پنهل سائين 

فقيري ۾ اميري آ

سڄڻ جي سڪَ جو سڳڙو سڄو 

سنسار سوري ٿو

تڏهن هي ساھ سسئي جيان پهاڙي

پنڌ ڏوڙي ٿو

اسين تنهجي پلڪن جا پروانا 

تنهجي اکڙين جا ديوانا 

تنهنجي درشن ۽ ديا لاءِ ٿياسين 

مست مستانا

اندر جو در کليو آهي رڳو

توکي ڏٺو آھي 

تنهنجي ئي آ طلب تن من ۾ 

رلائي پئي ٿي بن بن ۾ 

اسان ويراڳ ورتوسين

۽ دپڪ راڳ ورتوسين

کڻي اکڙين جا پيمانا 

اوهان جي جام سان او جانان

جڏهن جونهگار بڻجون ٿا 

تڏهن پيئون ۽ پيئاررون ٿا

اها بازي اسان جي آ 

اڙي قاصي اسان جي آ

اڙي منڪر محبت جا ڪندي ڇا تون

قبيلي کي 

قبيلو هي ڪٺل آھي 

تنهنجي شيخي ۽ شريئت کان رٺل آھي

اسن ان در صدا داسي 

ازل کان پيار جا پياسي

اسين گولا غلامئ ۾َ 

سدا سجدي سلامئ ۾ 

انهن جا ئي سڏايون ٿا 

تڏهن خود کي پڏايون ٿا.

بخشل مهراڻهوي.


Comments

Popular posts from this blog

ILIM DOLAT SE BEHTAR HAI

Sayed Sibghatullah Shah Rashidi (Sureh Badshah) peer pagaro