جھوک واری جو پیغام
حق موجود سدا موجود
مرشد صوفي
شاهه عنايت الله شھيد جهوڪ ڌڻي جو پيغام
:::::::::::::::::::::::::::::::::::::::::::::::::::::::::::::::
الله بس آهي ۽ ان کان سواء ٻيو سڀ هَوَس آهي. خدا جو ذڪر سڀ شئي کان مٿانهون آهي.
خدا کي دائم ياد ڪرڻ وارا سدائين سَرها ۽ ٻنهي جهانن جي سختيءَ کان آجا آهن.
رات جو جاڳڻ عجيب نعمت آهي، شرف به آهي ته ثواب به...!!
ذڪر سدائين جاري هجي ۽ ان جو فڪر به..!!
اڄ هِيءُ پَٽُ ۽ ميدان آهي ۽ گوءِ ۽ چؤگان آهي. سڀاڻي نه هيءُ پَٽُ رهندو ۽ نه گوءِ ۽ چؤگان رهندو. جلد ڊوڙجو خدا جي ياد جو هِيءُ وقت آهي. سُجاڳ ۽ هوشيار ٿِيءُ....!!
ائين نٿو چوان ته جَهانَ کان جُدا ٿِيءُ پر جنهن به حالَ ۾ هُجين پنهنجي خدا ساڻ هُج...!!
مھربانی
(دعائن جو طلبگار : صوفي فقير خادم حسين ڪلھوڙو۔ مورو سنڌ)
Comments
Post a Comment