شاھ سائين جي رسالي جا ٽيھه سر، انھن جا نالا ۽ مختصر ڄاڻ 

(ماخوذ ڪلياڻ آڏواڻي جي ترتيب ڏنل)


1. سر ڪلياڻ 

ڪلياڻ سنسڪرت جو لفظ آھي، جنھن جي معني سُک يا شانتي آھي، سُر ديپڪ راڳ جي اٺن پٽن مان ھڪ، جيڪو سنجھا يا اسر مھل ڳائبو آھي 


2. سر يمن ڪلياڻ 

ھي ڪلياڻ جو قسم آھي، يمن جي معنيٰ من کي روڪڻ آھي. ھن سر ۾ شاھ صاحب من کي وس ۾ آڻڻ جون ھدايتون ڪيون آھن.


3. سُر کنڀات 

ھن سر کي سر کماچ به چوندا آھن، ھن سر کي گجرات جي شھر کنڀات سان منسوب ڪيو ويندو آھي، ھي سر رات جو ڏھين بجي ڌاري ڳائبو آھي 


4. سر سريراڳ  

ھي ھڪ مکيه راڳ آھي، ان جي ڳائڻ جو وقت شام جو چئين بجي کان اٺين بجي تائين آھي، ھن سر ۾ شاهه صاحب مھراڻ ملاحن، ٻيڙين، ٻيڙياتن، غورابن ۽ جھازن جو ذڪر ڪيو آھي .


5. سُر سامونڊي 

سُر سامونڊي کي اھو نالو ان جي مضمون جي مناسبت سان ڏنو ويو آھي، ھن سر ۾ سامونڊين جو ذڪر آھي، ائين چئجي ته سر سريراڳ جو ٻيو پاسو سر سامونڊي آھي 


6. سر سھڻي 

ھن ۾ سھڻي ميھار جي قصي تي شاعري ٿيل آھي


7. سُر سسئي آبري 

ھن سر ۾ سسئي پنھون جو قصو آھي. آبري لفظ آڀري / ڪمزور جي مٽيل صورت آھي، ھن سر ۾ شاھ صاحب سسئي جي ڪمزوري ۽ بي وسي جو ذڪر ڪيو آھي، شاه صاحب سسئي تي سڄا سارا پنج سر چيا آھن، سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوھياري ۽ حسيني سڀني سرن ۾ سسئي جي ڏکن جو احوال آھي.


8. سر معذوري 

ھن سر ۾ سسئي جي بي حالي جو ذڪر آھي


9. سر ديسي 

ھي سر ھڪ راڳڻي آھي، جيڪا ديپڪ راڳ جي پنجن زالن مان ھڪ آھي، ھي منجھند جو ڳائبو آھي. ھن ۾ سسئي جي پڪي ارادي ۽ واٽ جي مونجهارن جو وستار آھي 


10. سُر ڪوھياري 

لفظ ڪوھ جي معنيٰ جبل آھي ۽ انھي مان معلوم ٿئي ٿو ته ھي جابلو ماڻھن جو رچيل آھي، ھن سر ۾ سسئي جو ذڪر ٿيل آھي.


11.  سُر حسيني 

 حسيني ھڪ نامياري فارسي ۽ عربي سر جو نالو آھي. ھن سر ۾ ڪربلا مولا جي شھيدن سڳورن جو ذڪر آھي .


12. سُر ليلان چنيسر 

جن سُر ۾ ليلان چنيسر جو قصو ان تي شاعري ٿيل آھي.


13. سر مومل راڻو 

ھن سر ۾ مومل راڻي جي قصي تي شاعري ٿيل آھي. 


14. سُر مارئي 

ھن ۾ عمر مارئيءَ جو جو روحاني قصي تي شاعري ٿيل آھي 


15. سُر ڪاموڏ 

ھن سر ۾ نوري ڄام تماچي جو قصو ۽ شاعري، روحاني معنيٰ جي صورت ۾ آھي 


16. سُر گھاتو 

ھن سر ۾ مورڙي مير بحر جو قصو ۽ شاعري، روحاني معنيٰ جي صورت ۾ آھي 


17. سُر سورٺ 

ھن سر ۾ راءِ ڏياج جو قصو آھي 


18. سر ڪيڏارو 

ھن سر ۾ امام پاڪن حضرت امام حسن عه ۽ حضرت امام حسين عه جي شھادت جو بيان آھي. 


19. سُر سارنگ 

ھي سر ميگهه راڳ جي اٺن پٽن مان ھڪ آھي. ملھار وري ميگھه جي پنجن زالن مان ھڪ آھي. ميگھه، ملھار ۽ سارنگ ٻولي جي لحاظ کان ھڪ ئي معنيٰ ۾ استعمال ٿين ٿا. ٽنھي کي باترتيب ڳائڻ سان آسمان تي بادل اچي ويندا آھن. 


20. سر آسا 

ھي ھڪ مٺي راڳڻي آھي، جا اسر مھل ڳائبي آھي. آسا ھڪ راجڪماري جو نالو آھي، جيڪا پرڀات جو ڌڻي جي ساراهه ۾ گيت ڳائيندي ھي.


21. سُر رپ 

رپ جي معنيٰ ڳري آفت آھي. ھن سر ۾ عاشق جي سورن جو ذڪر آھي. ھن سر ۾ شاھ صاحب نيھن کي اندر ۾ سانڍڻ جي ھدايت ڪئي آھي .


22. سُر کاهوڙي 

کاھوڙِي لفظ جي معنيٰ جبلن ۾ ڏٿ ڏوريندڙ آھي، ھن سر ۾ سنياسين جو ذڪر ٿيل آھي. 


23. سُر بروو سنڌي 

ھندوستاني راڳ جي علم موجب بروو ھڪ راڳڻي جو نالو آھي، ھن کي شاھ صاحب خالص سنڌي رنگ ڏنو. ھن سُر ۾ مجازي عشق جي گھڻي وستار آھي. البته ان ۾ حقيقي محبوب جو به ذڪر آيل آھي. عاشق جي نياز ۽ بيقراري ۽ معشوق جي ناز ۽ حسن کي نھايت سھڻي ۽ دلڪش نوع ۾ پيش ڪيو ويو آھي .


24. سُر رامڪلي

رامڪلي سُر ۾ جوڳ۽ ويراڳ جا خيال سمايل آھن. شاھ صاحب سامين سان ٽي سال گذاريا، ھن سر ۾ جوڳين جي واکاڻ ۽ وڏائي ڳائي اٿس. 


25. سر ڪاپائتي 

ڪاپائتي لفظ جي معنيٰ ڪتڻ واري يا ڪاتار آھي، ھن سر ۾ چرخي ڪتڻ ۽ آتڻ جو ذڪر آھي. انسان جو من چرخو آھي ۽ چرخي چورڻ مان مراد آھي، ڌڻي جا اسم مبارڪ اُچارڻ ۽ سالڪ آھي 


26. سُر پورب 

ھي سر ھنڊول راڳ مان آھي، ھن سر ۾ شاهه صاحب پورب، پرين جي ديس ۽ آديسين  جي روحاني ولايت کي ٿو سڏي، جوڳين کي پوربيا سڏيو اٿس، ڇو ته سندن پنڌ پورب ڏي آھي.


27. سر ڪارايل 

ڪارايل جي معنيٰ مور، ھنج يا ھنس آھي، ھن سر ۾ ھنج گڻن جي ساراھ آھي، تنھن ڪري ان تي اھو  نالو رکيو ويو، حقيقت ۾ سچن عاشقن کي جنسن سان عام ماڻھن کي ڪنگن ۽ ٻگھن سان ۽ دنيا کي لاٽيل پاڻي سان مشابهت ڏني ويئي آھي .


28. سر پرڀاتي 

ھي سر ھڪ راڳڻي جو نالو آھي، جيڪو اسر جو ڳائبو آھي، ھن سر ۾ شاھ صاحب بندگي جي تاڪيد ڪري ٿو ۽ ڌڻي جي سخاوت کي ساراھي ٿو 


29. سر ڏھر 

ٿر ۾ ٻن ڀٽن جي وچ ۾ ڏاڍي مٽي واري سڌي ميدان کي ڏھر چوندا آھن، ھن سر جو نالو انھي ڪري پيو آھي جو شاهه صاحب ھن ڏھر مان لنگھندي خيال آيا آھن. 


30.  سر بلاول 

ھي ھنڊول راڳ جو ھڪ سُر آھي، جئين رامڪلي اھي ٻئي سر دک لاھيندڙ ۽ ڌڻي جي ساراهه لاءِ موزون آھن. ھن سر ۾ الله پاڪ، حضور صلي الله وسلم ۽ سخي حاڪم جادم جکري جي ساراھ آيل آھي.


shahlatif ,risaloofshah ShahJoRisalo 280urs

Comments

Popular posts from this blog

ILIM DOLAT SE BEHTAR HAI

ABDULLAH SHAH GHAZI