سرائکی کے عظیم شاعر شاکر شجاع آبادی

 مولا مَستن جا ڪم پاڻ ڪري……


شاڪر شجاع آبادي ڪجھ سال اڳ جڏھن منهنجي ڳوٺ آيو ھو ۽ ھڪ ڏينهن ۽ ھڪ رات مونوٽ ٽڪيو . 

الائي ڪيتري ۽ خوب ڪچھري ٿي ھئي. .

کوڙ واقعه ، حادثه، آسرا، يادون، ملاقاتون، خواهشون ، حسرتون وغيره، سليون ھئائين. جيڪي اڃان لکي ڪونه سگهيو آھيان.  

لکندس ضرور……… 


ڪچھري دوران جڏھن کائنس پڇيم ته، ڪا اھڙي خواھش، جيڪا پوري نه ٿي سگهي ھجي ۽ جنهنجو دل ۾ گھاءُ ھجي…!؟

ته شاڪر ٻڌايو…… 


“ منھنجي خواھش ھئي ته آئون گھڻو پڙھندس ۽ پي ايڇ ڊي ڪندس، پر ھڪ بيماري ۽ ٻيو غربت سڀ ڪجھ لوڙھي وئي“


اڄ شاڪرشجاع آبادي کي بھاولپور اسلاميه يونيورسٽي پاران مليل ڊاڪٽريٽ ( پي ايڇ ڊي )جي ڊگري جو ٻُڌِي … سچ ته حيرانگي سان گڏ خوشيءَ ۾ اکيون ڀرجي آيون……


 ڪاش . . ويجهو هجانس ها ته ھڪ ڀاڪر ۽ ھڪ چمي ڏئي مبارڪ ڏيانس ھا ۽ چوانس ھا ته. . 

ايئن به ٿيندو آ ته، اڻ ٿيڻو يا ناممڪن سمجهيون ويندڙ خواهشون، ربِ ڪائينات پوريون ڪري ڏيکاريندو آ…!!


ڏيئا ٻال ڪي شاڪر رک ڇوڙو

ھوا  ڄاڻي ، خدا ڄاڻي 

                                          ( مھر ڊٻائي )


Comments

Popular posts from this blog

ILIM DOLAT SE BEHTAR HAI

ABDULLAH SHAH GHAZI