سندھی گرامر جو ابتدا

 سنڌي ٻوليءَ لاءِ جان ارپيندڙ انگريز عملدار ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي 167 ورسي:

گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته شاهه جو ڪلام کي سڀ کان اول گڏ ترتيب ڏيندڙ ،سنڌي گرامر تي پهريون دفعو ڪم ڪندڙ ، سنڌي لغتون جوڙيندڙ ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جو نالو سڀني کان اتم آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ِ جاکوڙيندي پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي باري ۾ سڀ کان اول راءِ جارج اسٽئڪ ڏني ، مشهور عالم رچرڊ برٽن جو سنڌي ٻوليءَ جو امتحان جارج اسٽئڪ ورتو هو. سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ سندس خدمتون تمام وسيع آهن. سندس خدمتن کي اسان هيٺين ريت ورهائي سگهون ٿا:

1. سنڌ ۾ اسڪول کولڻ جي پهرين ڪوشش 1845ع ڌاري، حيدرآباد جي ڪليڪٽر ڪئپٽن راٿبورن ڪئي هئي. درحقيقت ان ڪوشش جي پويان به جارج اسٽئڪ جو ئي هٿ هو، هو پنهنجي ڪليڪٽر جي معرفت حيدرآباد ۾ اسڪول کولڻ جي ڪوشش ڪئي.

2. سنڌ ٻوليءَ جو پهريون معياري گرامر جو ڪتاب جارج اسٽئڪ جو 1849ع ۾ شايع ٿيو.

3. ڪئپٽن جارج اسٽئڪ پهريون عالم هو، جنهن پنهنجي لکيل گرامر جي ڪتاب ۾ سنڌي لکاوٽ جا چارٽ ڏنا ۽ انهن کي هن ”سنڌي لپي“ ڪري سڏيو آهي، عام طور تي انهي لپيءَ کي ”هٽ واڻڪي“ يا خدا وادي لپي به سڏيو ويندو آهي.

4. سنڌي الفابيٽ جي جوڙن لاءِ سڀ اول ڪوشش جارج اسٽئڪ ڪئي.

5. سنڌي ادب ۾ جيڪي پهريون ڪهاڻيون ڇاپي هيٺ آيون، انهن کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ ۾ جارج اسٽئڪ جو هٿ هو.

6. پهريون دفعو هڪ جامع لغت Dictionary English and Sindhi جارج اسٽئڪ 1845جوڙي، جيڪا 1849ع ۾ شايع ٿي.

7. انگريزي-سنڌي سان گڏوگڏ هو سنڌي-انگريزي ڊڪشنري (Dictionary Sindhi and English) تي به ڪم ڪري رهيو هو، پر بيماري جي باوجود ڪم ڪندي 9 ڊسمبر 1853ع ۾ وفات ڪري ويو.

8. اسان جي محققن اسان کي ٻڌايو آهي ته شاهه جو رسالو سڀ کان اول پادري ارنيسٽ ٽرمپ ترتيب ڏئي 1866ع ۾ جرمنيءَ مان شايع ڪرايو هو. پر ڪيترن عالمن ۽ اديبن کي (شاهه جي محققن) کي خبر آهي شاهه جو پهريون رسالو سنڌي ٻوليءَ جي محسن، لغت نويس، آکاڻي نويس، گرامر نويس ڪئپٽن جارج اسٽئڪ ، 1850ع ۾ مرتب ڪيو هو ، جيڪو اڌورو رهجي ويو. 1853ع ۾ سندس وفات جي ڪري اهو قلمي نسخو وڃي ايران جي هڪ لائبريري ۾ پهچي ويو.

ڪئپٽن جارج اسٽئڪ 9 ڊسمبر 1853ع تي ڪراچيءَ ۾ 36 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. سنڌ تڏهوڪي ڪمشنر بارٽل فريئر تعزيت نامي ۾ لکيو هو ته، ”هن آفيسر سنڌي ٻوليءَ لاءِ پنهنجي زندگيءَ کي مختصر ڪري قربان ڪري ڇڏيو!

Comments

Popular posts from this blog

ILIM DOLAT SE BEHTAR HAI

ABDULLAH SHAH GHAZI