muhabbat محبت جی معراج لفظ

 محبت!!! 

محبت ،احساس ،پيار،....

اھي جيترا خوبصورت لفظ آھن ،

انھن جا اوترائي خوبصورت احساس آھن،

ھي سموري ڪائنات محبت تي مشتمل آهي ،

پر !!

ڪائنات ۾ رھندڙن لاءِ محبت لفظ جي الڳ الڳ معنا آهي ،

محبت لامحدود ھوندي آھي ،

پر ڪنھن جي لاءِ جسمن تائين محدود ٿي ويندي آهي ،

محبت جي معني ھر ڪنھن کي ايندي ناهي ،

پوءِ به ھي دنيا محبتن جي متلاشي!

ھميشه محبت کي حاصل ڪرڻ لاءِ آتي ھوندي آھي ،،

محبت لفظ ڪيڏو نه خوبصورت تصور آھي،

پر ھر ڪنھن جي حصي  ۾ اھا خوبصورتي ملندي  ناھي،

محبت ڪنھن کي ٽھڪ ته ڪنھن کي لڙڪ ڏيندي آهي ،

محبت ھڪ ڊگھو انتظار ۽ طويل تڙپ جو نالو به آھي،

ڪنھن جي لاءِ محبت عبادت ھوندي آھي ،

ڪنھن لاءِ محبت ڪرڻ گناھ ٿي ويندو آهي ،

ڪي محبت کي حاصل ڪري مڪمل ٿي ويندا آهن ،

ت ڪي سڄي زندگي محبت کان اڌھور رھجي ويندا آهن ،

محبت ڪائنات جي ھر شئي ۾ موجود ھوندي آھي ،

پر ھر اک ان محبت کي ڏسي سگھندي ناھي،

محبت،احساس ،پيار!!!


اڀرندڙ سج جي ڪرڻن ۾ به ھوندو آھي

ت لھندڙ سج جي ڌنڌلي شام ۾ ب ،

محبت ڪوھيڙي ڀنل  رات ۾ 

۽ ان رات جي خاموش راڳ ۾ 

محبت پھاڙن مان وھندڙ آبشارن جي سازن ۾،،

۽ نديءَ جي وهڪري جي راز ۾ 

محبت گلڙن جي خوشبوءِ ۾ 

۽ ان خوشبوءِ مٿان ڦيرا ڏيندڙ پوپٽن جي رنگن ۾،

محبت جو خوبصورت احساس ڪنھن بکئي پيٽ لاءِ ماني  ڳڀي ۾ به  ھوندو آھي ،

۽ برسات ۾ ٽمندڙ اجھي جي ليپي ۾ به ھوندو آھي ،

محبت ڌرتيءَ لاءِ رت وهائڻ ۾  پيار بنجي پوندي آهي ،

محبت پنھنجي ماڳن خاطر آواز اٿارڻ ۾،

ھڪ خوبصورت جدوجهد جو بڻياد  بڻجي پوندي آهي ،

محبت موئن جي  دڙي مان اڏامندڙ   مٽيءَ جي خوشبوءِ ۾ به ھوندي آھي ،

محبت  جو پيار ڀريو احساس ماءُ جي هنج ۾ ملندو آهي،، 

محبت،پيار احساس، جو ڪو به رنگ روپ ناهي

پوءِ به محبت ،پيار  احساس ،،ھر رنگ ۾ موجود ھوندو آھي ،

محبت سڪل پنن جي اڏامندڙ سازن ۾ به موجود ھوندي آھي ،

محبت ھوا جي ھوڏ تي لڏندڙ لامن مان به جھلڪندي آهي ،

محبت فجر ويل پکين جي لاتن مان ايندڙ آواز روحن کي ھڪ الھامي سرور بخشيندي  آهي ،

۽ رات جو آسمان تي ڪونجن جي قطارن مان محبت عيان ٿيندي آهي ،

محبت جي ڪا صفت  ،شڪل صورت ناهي ،

پوءِ به جنھن سان محبت جو واسطو پوندو آهي! 

محبت ان کي خوبصورت بڻائي ڇڏيندي آهي ،،

محبت جي معراج کي  محسوس ڪرڻو آهي

ت اھا محبوب جي پھرين چميءَ ۾ لڪل ھوندي آھي..


Comments

Popular posts from this blog

ILIM DOLAT SE BEHTAR HAI

ABDULLAH SHAH GHAZI