متاثرین کی کیمپ کی عالمی معیار

 (سنڌ جون رليف ڪيمپون ۽ متاثرن جي  ڪيمپ جو عالمي معيار)


سنڌ جي رليف واري وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ عالمي معيار جون 1975 ڪيمپون تيار ڪيون ويون آهن .جن جي نگراني وري ضلعن جا پڙهيل لکيل ڊي سي ڪري رهيا آهن .


اقوام متحده جي معيار موجب هڪ خيمي لاء  45 اسڪوائر فوٽن جي جاءِ مختص ڪئي وڃي.

ان کانسواء روڊن، فوٽ پاٿن، تعليمي سهولتن ،صفائي سٿرائي،  سيڪيورٽي، فائر بريڪز، انتظاميه، واٽر اسٽوريج، ڊسٽريبيوشن پوائنٽس، مارڪيٽون، امدادي سامان جي اسٽوريج ۽ يقيناً پناهه لاءِ پلاٽن لاءِ لازمي جڳهه رکي ويندي  جڏهن ته  اناج گاهه  يا چوپائي مال لاءِ به  15 اسڪوائر ميٽر زمين اسڪوائر  رکي ويندي جنهن کي شروعات کان سائيٽ پلان ۾ شامل ڪيو ويندو آهي .

في ماڻهو لاء گهٽ ۾ گهٽ ساڍا ٽي اسڪوائر ميٽر جي ڪورڊ جڳهه 

في فيملي لاء : گهٽ ۾ گهٽ 45 اسڪوائر ميٽر جي ڪورڊ جڳهه جنهن ۾ ڪچن جي سهوليت هجي . 

ڇت جي سائيز سطح کان گهٽ ۾ گهٽ ساڍا ڇهه فوٽ مٿي هجڻ کپي . 

هر ٽيهن ميٽرن جي فاصلي تي باهه وسائڻ جا آلات لڳل هجڻ گهرجن.

گندگي ۽ پاڻي جو ڊرينيج سسٽم يقيني بنائڻ لاء سلوپ ٻه کان چار پرسنٽ تائين رکڻ کپي . 

ڪيمپ کي هيٺين حصن ۾ ورهائڻ کپي:

فيملي = چار کان ڇهه فرد 

ڪميونٽي = 80 فرد 

بلاڪ= سورهن ڪميونٽيز يا 1250 ماڻهو

سيڪٽر = چار بلاڪ يا 5000 ماڻهو 

ليٽرين : گهٽ ۾ گهٽ ويهن ماڻهن لاء هڪ ( عورتن ۽ مردن لاء الڳ)

ليٽرين جو مفاصلو : خيمن کان وڌ ۾ وڌ چاليهه ميٽر جي مفاصلي تي پر ڇهن ميٽرن کان ويجهو نه هجي . 

وهنجڻ جي جاء : گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه ماڻهن لاء هڪ 

پاڻي جي سپلاء : ويهه ليٽر في فرد

پاڻي ڀرڻ جي جاء : اسي ماڻهن لاء هڪ اسٽينڊ 

پاڻي ڀرڻ جي جاء جو مفاصلو : خيمن کان ٻه سو ميٽر پري 

ڪچرو اڇلائڻ لاء وڏا ڊسٽ بن ڪنٽينر : پنجاهه ماڻهن لاء هڪ 

صحت جي سهوليت: پنج هزار فردن لاء هڪ ڊسپينسري

اسڪول : پنج هزار آبادي لاء هڪ اسڪول

بازار : پنج هزار ماڻهن کان وٺي ويهه هزار ماڻهن تائين.

لائيٽ : ڪيمپ جي چئني پاسن کان وٺي هر پنجاهه ميٽرن جي مفاصلي تي اسٽريٽ لائيٽ ۽ هر خيمي ۾ ضرورت مطابق سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ ۽ ڪيمپ کي چوڌاري حفاظتي فينسنگ.

سنڌ جا عظيم انجنيئر وزير شرجيل ميمڻ ۽ سيد سردار شاهه باقائدگي سان ڪيمپون وزٽ ڪن پيا اميد ته سندن نگراني ۾ ٺهيل رليف ڪيمپون انٽرنيشنل اسٽينڊرڊ کان وڌ نه ته گهٽ به نه هونديون.🙏😃🙏


Comments

Popular posts from this blog

ILIM DOLAT SE BEHTAR HAI

ABDULLAH SHAH GHAZI