صوف ,سیب ,معلومات

 صوف کي معجزاتي فروٽ چيو ويندو آهي، اها هڪ اهڙي نعمت آهي جيڪا انساني صحت تي هاڪاري اثر پوندا آهن. صوف تي ڪيل تحقيقن موجب صوف غذائيت سان ڀرپور هوندو آهي ۽ صحتمند فروٽ آهي اهو جسم ۾ مختلف بيمارين ۽ انفيڪشن کي پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي روڪي ڇڏيندو آهي جنهن ۾ سڀ اهم اينٽي آڪسيڊنٽس، فليوونائڊز ۽ فائبر جو گهڻو مقدار موجود هوندو آهي. غذائيت سان ڀرپور ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس سان ڀريل هجڻ جي ڪري صوف ڪينسر، بلڊپريشر، شگر، دل جي مرضن ايتري تائين جو پٿري جي روڪٿام لاءِ به ڪارائتو آهي.


پٿري آهي ڇا؟


جڏهن پيشاب ۾ گهٽتائي ۽ گردن ۾ ڪجهه معدنيات جو انگ وڌي ويندو آهي ته اهي معدنيات پاڻ ۾ گڏجي پٿري کي بڻائينديون آهن. پٿري جا ڪيترائي قسم به هوندا آهن جهڙوڪ:


ڪيلشيم آڪسيليٽ پٿري


ڪيلشيم فاسفيٽ پٿري


اسٽري وائيٽ پٿري


يورڪ ايسڊ پٿري


سسٽانن پٿري


ٻين عملن سان گڏوگڏ گردن ۾ پٿري جا ڪجهه غذائي عمل به آهن جهڙوڪ:


خوراڪ ۾ آڪسيليٽ جو واڌو مقدار


پروٽين سان ڀرپور خوراڪ


گهڻو سوڊيم جو استعمال


پاڻي جي کوٽ/گهٽ پاڻي پيئڻ وغيره


سٽرڪ ايسڊ ۽ پٿري


هڪ تحقيق موجب اهڙا فروٽ جيڪي سٽرڪ ايسڊ سان ڀريل هوندا آهن اهي گردن جي پٿري کي روڪڻ جي لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪندا آهن. صوف اسان جي جسماني ۽ ذهني صحت کي بهتر بڻائي رت ۾ واڌ ڪندو آهي. ان جي اها به خاصيت آهي ته اهو جسم ۾ خراب ڪوليسٽرول کي وڌڻ کان روڪيندو آهي. رڳو خوراڪ نه پر موروثي ۽ ٻيا عمل به پٿري جو سبب بڻبا آهن. صوف جو جوس پٿري ٽوڙڻ جي عمل ۾ تمام ڪارائتو ثابت ٿيندو آهي پر اهڙا ماڻهو جيڪي اڳ ۾ ئي گردن ۾ مختلف قسمن جي ڪيلشيم پٿرين جو شڪار آهن انهن جي لاءِ صوف جو رس انهن ۾ وڌيڪ واڌ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.


سائٽريٽ، آڪساليٽ ۽ ڪيلشيم


ڪيترائي فروٽ جهڙو مالٽو، ليمو ۽ نارنگي وغيرو ۾ اهڙيون شيون شامل هونديون آهن جيڪي ڪيلشيم ۽ ڪاربونيٽ پٿرن کي روڪي سگهن ٿا. رس وارو فروٽ سائٽريٽ جي سطح ۾ واڌ ۽ پيشاب جي کوٽ ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکندا آهن. جنهن جي ڪري پٿري ۾ واڌ کي گهٽائڻ ۾ مدد ملندي آهي.


هڪ تحقيق موجب صوف جي جوس ۾ سائٽريٽ گهٽ مقدار ۾ هوندو آهي. انڪري ان سان پيشاب ۾ تيزابيت ۽ گهٽتائي جو مسئلو ختم ناهي ٿيندو ۽ پٿري جي ٺهڻ جو خطرو به ناهي گهٽبو.


پٿري جي روڪٿام ۾ صوف جو ڪردار


صوف ۾ موجود فائبر جي اعليٰ مقدار پٿري جي روڪٿام ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. صوف ۾ اها صلاحيت موجود هوندي آهي ته اهو ڪوليسٽرول جي سطح کي نارمل رکندو آهي. پٿري جي شڪايت گهڻي قدر ٿلهي ماڻهن ۾ ڏٺي ويندي آهي ڏٺو وڃي ته انسان کي ٿيندڙ گهڻي قدر بيماريون ٿلهي هجڻ جي ڪري به ٿينديون آهن. هتي وزن کي گهٽائڻ ۾ ماهرن فائبر جي مقدار کي گهڻي اهميت ڏني آهي. صوف جي اها خاصيت آهي ته اهو ڪيلوريز کان بنا توهان کي اعليٰ معيار جو فائبر فراهم ڪندو آهي.


Comments

Popular posts from this blog

ILIM DOLAT SE BEHTAR HAI

ABDULLAH SHAH GHAZI