صدق لک وار بسم اللہ
ٿيو ديدار دلبر جو، صدق لک وار بسم الله،
کليا گُل باغ گلزاريون، چمن گلزار بسم الله.
اکين مُنھنجن ڪيون عيدون، ملايون دوست ھن ديدون،
سدا دلبر ۾ اميدون، نظر نروار بسم الله.
ٿيو روشن اڳڻ سارو، ڏٺم چئو طرف چمڪارو،
مليو محبوب دل وارو، صحن سرڪار بسم الله.
آيو جلوه نما جاني، ٿيان قدمن تان قرباني،
ڪري پنھنجي مھرباني، آيو دلدار بسم الله.
آيا در دوست دلدارا، ويا ورھين جا غم سارا،
وسايا يار اوتارا، اچي انوار بسم الله.
آھين ”حضور“ حق ھادي، ڪئي آ عشق امدادي،
مٺا محبوب تون مھدي، صنم سردار بسم الله.
Comments
Post a Comment