صوفی سنت فتح چند کالرا جیکب آباد سندھ

 فتح چند ولد ڪنهيا لال ڪالرا 7 جنوري 1951 تي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو پرائمري تعليم گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول جيڪب آباد مان حاصل ڪئي ۽ 1968 ۾ ميٽرڪ  ميونسپل هاءِ اسڪول جيڪب آباد  مان ڪئي پاڻ ننڍي عمر ۾ ئي سماجي ڪمن ۾ پيش پيش رھيو ۽ اسڪائوٽ ۾ ليڊر هجڻ جي حيثيت سان اسڪول جي سطح تي اسڪائوٽ جون ڪيمپ فائرز  ڪيون  1970 ۾ انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جيڪب آباد مان ڪئي بي اي 1972 ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي ۽ 1989 ۾ ايم اي سنڌي ۾ شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي کيس ننڍي هوندي کان ئي  ادب جي پڙهائي ۾ تمام گهڻي دلچسپي ھيس ۽ هن پنهنجي گهر ۾ هڪ بهترين لائبريري پڻ قائم ڪئي آهي ڪتاب جمع ڪرڻ سان گڏوگڏ  کيس پراڻيون پوسٽ ٽڪليون ۽  پراڻا سڪا گڏ ڪرڻ جو به شوق اٿس ۽ هن وقت به  سوين سال پراڻا 150 ملڪن جا سڪا ۽ 150 ملڪن جون ٽڪليون گڏ ڪيون آهن هن پنهنجي سياست جي شروعات سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن مان ڪئي ۽ ون يونٽ  خلاف ۽ ووٽر لسٽون سنڌي ٻولي ۾  ٺاھڻ لاء شاگرد سياست ذريعي تحريڪ جو حصو رهيو جنهن دوران سندس ملاقاتون ملڪ جي وڏي پائي جي سياسي شخصيتن سان ٿينديون رهيون جن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شيخ مجيب الرحمن، جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، نواب اڪبر بگٽي، شيخ اياز، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ رسول بخش پليجو شامل آهن فتح چند ڪالرا جو سماجي سفر به جدوجهد سان ڀريل آهي جنهن ۾ هن 1984 ۾ نوجوان سماج سنگت پاران جيڪب آباد ۾ هڪ خيراتي اسپتال شيوا ڪلنڪ جي نالي سان قائم ڪئي جيڪا 30 سالن تائين ڪاميابي سان هلي پاڻ سگا جيڪب آباد جو متحرڪ ميمبر رهڻ کان علاوه پوج هندو جنرل پنچائت ۽ چيمبر آف ڪامرس ۾ به متحرڪ رهيو پاڻ هڪ سٺو صحافي ۽ اديب به آهي امداد اوڍو پاران شايع ڪيل سنڌ جي پهرين ڪمپيوٽرائيزڊ اخبار عوامي آواز جو 1989 ۾ ضلعي رپورٽر ٿيو 1995 ۽ 1997 ۾ پريس ڪلب جيڪب آباد جو ٻه ڀيرا صدر به رهيو جنهن دوران هن سماجي ۽ ادبي سرگرمين لاءِ هال جي فيس معاف ڪري پريس ۾ سماجي ۽ ادبي سرگرمين کي ھٿي ڏني ۽ سندس صدارتي دور ۾ پريس ڪلب جيڪب آباد ۾ کوڙ ساريون ادبي ۽ سماجي سرگرميون ٿيون فتح چند جي خانداني عقيدت صوفي رکيل شاه سان هجڻ ڪري پاڻ به ان درگاه جو مريد آهي ۽ هر سال عرس مبارڪ تي جيڪب آباد مان دوستن ۽ رشتيدارن سان گڏجي شرڪت ڪندو آهي سيد چيزل شاه سان سندس تمام گهڻي ويجهڙائي هيس ۽ ان جي وفات کان پوءِ صوفي چيزل شاه جي فرزند سيد صادق شاه سان به سندس گھڻي قربت رهي ۽ ھاڻوڪي گادي نشين سيد سرفراز شاھ سان به سندس تمام گھڻي ويجھڙائي آهي   هن صوفي رکيل شاه جي ڪلام جو مجموعو ”بحرالعشق“ جا 6 ايڊيشن ۽ صوفي چيزل شاه جي ڪلام جو مجموعو ”بحرالعميق“ ڇپرايا ان کان علاوه جيڪب آباد جي صوفي شاعر پهلوان فقير  جيڪو به درگاه فتح پور جو عقيدتمند هو انجي شاعري جو مجموعو ”دعوت عشق“ شايع ڪرايو فتح چند ڪالرا پنهنجي زندگي جي اڻ کٽ جدوجهد ۾ سنڌي ٻولي کي ڪڏهن به نه وساريو جو تازو انڊيا جي دوري دوران اتان جي ماڻهن کي گھرن ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائڻ ۽ ان سان گڏوڏ سنڌي ٻولي کي عربي لپي ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ لاءِ همٿايو ان دوران سندس ملاقات امل آهوجا سان  ٿي جيڪو احمد آباد شھر مان ٽي سنڌي  اخبارون ڪڍندو آهي سنڌي  ٻولي جي واڌاري سندس ملاقات سنڌي ٻولي جي ناليواري اديب آشا چاند سان به ٿي جيڪا پوري دنيا ۾ سنڌي ٻولي جي بقا لاءِ جاکوڙي رهي آھي فتح چند ڪالرا کي سندس دوست ۽ پوئلڳ ”دادا“ جي لقب سان سڏيندا آهن بقول داد فتح چند جي ته اهو انهن دوستن جو ساڻس پيار آهي جو کيس ان نالي سڏيو ويندو آهي جو اهو نالو ڪنهن وڏي عمر يا عزت واري ماڻهو لاء استعمال ٿيندو  آهي


Comments

Popular posts from this blog

ILIM DOLAT SE BEHTAR HAI

ABDULLAH SHAH GHAZI