DIL MURAD KHOSO JACOBABAD

 جيڪب آباد مانجهي پور روڊ تي دلمراد ريلوي اسٽيشن کان ڪجهه مفاصلي تي بهادرپور ڳوٺ واقع آهي اهو ڳوٺ آزادي واري جنگ 1857 جي هيرو خان بهادر دلمراد خان اول جي فرزند نالي سان منسوب آهي دلمراد خان اول کي انگريزن مذڪوره جنگ ۾ حصو وٺڻ جي الزام ۾ ڪاري پاڻي جلا وطن ڪيو هو دلمراد خان اول ان وقت نصير باد بلوچستان واري علائقي ۾ رهندو هو اهو علائقو ان وقت خان آف قلات جي بادشاهي ۾ هو انگريزن خان آف قلات کي ڪمزور ڪري سندس علائقي ۾ فوجي پڙاءُ ڪيو ۽ خود خان ڳڙه اچي ان کي جيڪب آباد بڻايائون دلمراد خان اول سياسي ماڻهو نه هو پر هڪ سٺو ذرعي ماهر هجڻ سان گڏوگڏ آزاد خيال جو مالڪ هو جنهن سبب سندس مخالفت جام هئي ۽ انگريزن پاران کيس بغاوت جي ڪيس ۾ ڪاري پاڻي جلا وطن ڪيو ويو سال 1876 ۾ خان آف قلات خان خداداد خان جيڪب آباد جو سڄو علائقو کزمير (ڪشمور جو پراڻو نالو) تائين هندستان جي وائسراءِ جي حوالي ڪيو. دلمراد خان اول جو پٽ بهادر خان کوسو به نصير آباد جي اڀرندڙ طاقتن جي چوڻ تي اتان لڏايو ويو ۽ کيس ديهه دلمراد ڀرسان (جتي اڄ هڪ تاريخي ريلوي اسٽيشن قائم آهي) هڪ فوجي پڙاءُ ۾ نظر بند ڪيو ويو انگريزن ڪجهه سال بهادر خان کوسو کي فوجي پڙاءُ ۾ رکڻ کانپوءِ آزاد ڪري کيس اوس پاس ۾ ڏيڍ هزار جريب زمين ڏني جيڪا هن پنهنجي محنت ۽ جان فشاني سان وڌائي 80 هزار جريب ڪئي بهادرخان کوسو انگريزن جي آزادي کانپوءِ بهادپور نالي ڳوٺ ٻڌي زمينداري ۾ لڳي ويو بهادرخان کوسو پنهنجي زمين تي ڇڪڙي نموني بيل گاڏي تي گهمندو هو جنهن کي ٻه ڀلا ڏاند ڇڪيندا هئا ۽ واٽ ويندي غريبن کي خيرات ڏيندو ويندو هو ڇڪڙي جي پويان ٻه ڪمدار سندس پويان گهوڙي تي سوار هوندا هيس پاڻ سخي مرد هو هڪ ڀيري پير سائين پڳاري ”سورهيه بادشاه“ سندس دعوت تي ڳوٺ بهادرپور آيو ته سندس چئني پٽن (مير دلمراد خان دوئم، مير شاهل خان، مير حسن خان اول ۽ مير سڪندر خان کوسو) جي جهولين ۾هڪ هڪ هزار روپيه چاندي وجهي پير سائين پاڳاري کي نظراني طور پيش ڪيا. مير بهادر خان کوسو جي باري ۾ وڏڙن کان ٻڌڻ ۾ آيو ته هڪ دفعي انگريز ڪنهن زمين جي فيصلي تي اڙجي ويا ۽ ان جو حل جڏهن مير بهادرخان کوسو ڪڍي ڏنو ته اهي انگريز چوڻ لڳا ته  تون بهادر خان نه پر ”بي بها دُر“ آهين انگريزن 1907 واري گزيٽ ۾ کيس ذرعي ماهر ڪري لکيو آهي خان بهادر بهادر خان کوسو جو وڏو پٽ دلمراد خان دوئم وڏي اثر وارو بڻيو دلمراد خان دوئم ميونسپالٽي جيڪب آباد جو ميمبر ۽ صدر بڻيو جڏهن ته1921 جي چيئر ميني واري جي چونڊ م کيس شڪشت ملي سالن پڄاڻان سندس فرزند سردار خان کوسو 1946 واري عام چونڊن ۾ مسلم ليگ جي سردار سهراب خان سرڪي کي 16 ووٽن تان شڪست ڏني ۽ پوري سنڌ مان اها واحد سيٽ هئي جيڪا مسلم ليگ هارائي سردار خان کوسو جيڪب آباد جي مشهور شخصيت هو اليڪشن کٽڻ کانپوءِ پاڪستان جي حق ۾ ووٽ ڪيو ۽ پاڪستان ٺهڻ ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪيائين جڏهن ته سندس پٽ بيريسٽر افضل خان کوسو ملڪ جو ناليوارو سياستدان ۽ وڪيل هو افضل خان کوسو جي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان تمام گهڻي سياسي قربت هئي ۽ کيس ڀٽو صاحب جي حڪومتي دور ۾ سينيٽر بڻاِيو ويو ان کان علاوه افضل خان کوسو ٻه ڀيرا ضلعي بار ايسوسوسيئيشن جو صدر پڻ چونڊيو.

 بهادرپور سرڪل جي سڄي ايراضي کوسن جي ذمينداري هيٺ هئي پر هوريان اتي هاڻي ،مختلف برادرين جي ذمينداري آهي ان زماني جا کوسا مڪتبن يا مدرسن جا پڙهيل ته ڪو نه  هئا پر دين کان بي خبر به نه هئا مدد پور، زنگي پور، ڪوٽ جنگو ۽ بهادرپور ۾ ان زماني جون شاندار مسجدون جوڙايون ۽ اهڙن مسجدن جو ٺهڻ ٻڌائي ٿو ته بهادرپور ۽ ڀرپاسي جا کوسا ديندار ۽ مخير ماڻهو هئا بهادرخان کوسو هڪ ئي طرز جا ٽي بنگلا بهادرپور، دين پور ۽ ٻچڙو ۾ ٺهرايا  بهادرپور وارو بنگلو ته سار سنڀار نه هئڻ ڪري تباه حالي جو شڪاري آهي جڏهن ته دين پور ۽ بچڙو جي بنگلن جو رونقون بحال آهن.


Comments

Popular posts from this blog

ILIM DOLAT SE BEHTAR HAI

ABDULLAH SHAH GHAZI