مغل حکمران اور صوفی اولیاء

 شاه عنايت کي مغلن شھيد ڪيو ھو پر شاه عنايت جي شھادت کان پوء به سنڌ تي مغل راڄ قائم رھي نہ سگھيو، ڇو ته شاه عنايت جي تحريڪ مغل راڄ کي ڪمزور ڪري ڇڏيو ھو. 

بلڪل ساڳي طرح


انگريزن سورھيه بادشاه کي ڦاسي تہ ڏئي ڇڏي ھئي پر سورھيه بادشاه جي ڦاسيء کان پوء به انگريز پنھنجو راڄ قائم رکي نه سگھيا. ڇو ته سورھيه بادشاه جي شروع ڪيل تحريڪ انگريز راڄ کي ڪمزور ڪري ڇڏيو ھو. انگريزن 1943 ۾ سورھيه بادشاه کي ڦاسي ڏني ۽ 1947 ۾ ٽپڙ ويڙھي ھليا ويا.

سورھيہ بادشاه جڏھن گادي نشين ٿيو ھو ته ان جي عمر صرف 14 سال ھئي. 14 سال ٻاراڻي وھي ھوندي اھي، انقلابي وھي ناھي ھوندي پر سورھيه بادشاه ثابت ڪري ڏيکاريو ته ڳالھه ڪچي يا پڪي عمر جي ناھي پر ڳالھه ڌرتيء سان وفا جي آھي. جيڪو وفا ڪري  تہ ڌرتي ان کي امر ڪري ڇڏيندي.

Comments

Popular posts from this blog

ILIM DOLAT SE BEHTAR HAI

ABDULLAH SHAH GHAZI