لطیف سائین دنیا جو واحد شاعر 10صدیون بعد سوجی سمجھی جانی وانی ھک منظ طریک

 لطيف سائين دنيا جو واحد شاعر آھي جنھن ڪربلا جي واقعي کي ۱۰ صدين کان پوءِ سوچي سمجهي, ڄاڻي واڻي ھڪ منظم طريقي ۽ تسلسل سان, امامن جي مديني کان روانگي کان وٺي ڪربلا پڄڻ تائين, جنگ کان وٺي شھادت تائين ۽ پوءِ جي منظرن ۽ فڪر کي ڳايو جنھن جي مختصر جهلڪ ھيٺ ڏجي ٿي:


ڪُوفِيُنِ ڪاغَذُ لِکِيو، وِچِ وِجِھي اَللّهُ؛

”اَسِين تابِعَ تُنھنجا، تُون اَسانجو شاهُ؛

ھيڪَرَ ھيڏي آءُ، ته تَختُ تابِيني تُنھنجي.


مِير مَدِينِئان نِڪري،ڏيرا ڏِنائُون،

ڪاٺِي پاڻِي گاهَ کي ماڙُهو مُڪائُون،

چَڙهَندي چَيائُون،ٿِيندي ويڙه وَڏاندرِي.


مير مدينئان نڪري، رڙھيا مٿي رند،

گھوڙا تن گھوٽن جا پريا مٿي پنڌ.

جتي رھيا راتڙي سي سونھارا ھنڌ،

ڪُلھا، ڪرنگھر، ڪنڌ، جھرن جھونجھارن جا.


چَنڊَ وِھاڻِئَ چَڙِهيا، مَلَّھ مَدِينِئان مِيرَ؛

اُنِ سين طَبَلَ، بازَ، تَبَرُون، ڪُندَ، ڪَٽارا، ڪِيرَ؛

عَلئَ پُٽَ اَمِيرَ، ڪَندا راڙو رُڪَ سين.


ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙِيائُون؛

جهيڙو يَزِيدَ سامُهون، جُنبِي جوڙِيائُون؛

مُنهُن نه موڙِيائُون، پَسِي تاءُ تَرارِ جو.


ڪُوفِي ڪَربَلا ۾، پاڻِي نه پِيارِينِ؛

اُتي عَليءَ شاهَ کي، شَهزادا سارِينِ؛

نِڪِريو، نِهارِينِ؛ چَڙهُ، مِيرَ مُحمَّدَ عَرَبِي.


حُرُّ ھَلِي آئِيو، مانجِھي مَرِدانو؛

”آھِيان عاشِقُ آڳِ جو، پَتَنگُ، پَرِوانو؛

مانَ راضِي ٿِئي، رَسُولُ رَبَّ جو، نَبِي تو نانو؛

ھِيُ سِرُ سَمانو، گھوٽَ! مَٿان ئي گھورِيان.


ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، اَهلِ بَيۡتَ آئِيا؛

ماري مِصِرِيُنِ سين، تن ڪافَرَ ڪَنبايا؛

سَچُ ڪِه بِيبِيءَ ڄايا، ھَهڙا سُورِهَ سُپِرِين.


جهمنديون اچن، جهوليون جهونجهارن جيون,

پايو ٻڪ ٻھار جا, ان جون وهون واڪا ڪن,

پٽين, پار ڪڍين، رڻ گجئو, راڙو ٿئو.


حَسَنُ ناه حُسينَ وَٽِ، ٻيلِي نه ٻاھُون؛

ساڙيہ شَهزادَنِ جو، آھي اَڳاھُون؛

يَزِيدَ! جُلاھُون، تيلان ڪَرِئين تَڪِڙيُون.


ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، ھَيءِ! جي حَسَنُ هو؛

ڀيڙو ڀيڙو پَنهنجي ڀاءُ سين، پَتَنگَ جِئَن پِيو؛

آھي ڪيرُ ٻِيو، جو ڪَري ھَلان مِيرَ حُسينَ تان.


پِرِهَ پَکِي آئِيو، ڪَربَلا مان ڪَهِي؛

روضي پاسِ رَسُولَ جي، تَنهِن ھلِي ھاڪَ ھَنئِي؛

”ڏِٺِـيَمِ رُڪَ رُئِي، چَڙهُ، مِيرَ مُحَمَّدَ عَرَبِي.


ڏاڙهيء رتُ رتياسِ، ڏندَ تہ موتِين ڳُتيا،

چوڏھينء ماهَ چنڊَ جئن، پِڙَ ۾ پيشانياسِ، 

"ﷲ نور السماوات" جلوو زمينياسِ، 

"سيما هم في وجوههم" مُنهن ۾ مڻِ ڳُتياس،

ڪڪرا ڪربلا جا مادر ٿي ميڙِياسِ،

ڦٽن تان رت ڦُڙا، عليء ٿي اگهياسِ،

مڙئي معاف ڪياسِ، خالق بدلي خون جي.


جَنَّتَ سَندِيَنِ جُوءِ، فائِقَ ھَليا فِردَوسَ ڏي؛

فانِي ٿِيا ’فى اَللهَ‘ ۾، ھُوءِ سين ٿِيا ھُوءِ؛

رَبَّ! ڏيکارِئين رُوءِ، اُنِين جي اِحَسانَ سين.


حسَنَ، مِيرَ حُسينَ کي، رُنو ٽِنِ ٽولَنِ؛

گَھرِ ماڙُھين، جَھنگِ مِرُوئين، اُڀَنِ ۾ مَلَڪَنِ؛

پَکِيُنِ پاڻُ پَڇاڙِيو، ته لَڏِيو ھوتَ وَ‏ڃَنِ؛

اَلا! شَهزادَنِ، سوڀُون ڏِئين، سَچا ڌَڻِي.


سَخِتي شَھادَتَ جِي، مِڙوئِي مَلا رُ؛

ذَرو ناهِ يَزِيدکي، اِي عِشَقَ جَوآثارُ؛

ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصُلُ اِمامَنِ سين.


سَخِتِي شَھادَتَ جِي، نِسورو ئِي نازُ؛

رِندَ پَرُوڙِينِ رازُ، قَضِيي ڪَربَلا جو.


دوسِتَ ڪُهائي دادُلا، مُحِبَ مارائي؛

خاصَن خَلِيلَنِ کي، سَخِتـيُون سَھائي؛

اَللهُ اَلصَّمَدُ بي نيازُ، سا ڪَري، جا چاھي؛

اِنَھِين مَنجِھ آھي، ڪا اُونھي ڳالھِ اِسرارَ جي.


ڏِٺو مُحَرَّمُ ماهُ، سَنڪــو شَهـزادَنِ ٿِـيـو؛

ڄاڻي ھيـڪُ اَللهُ، پاڻَ وَڻَندِيُون جو ڪَري.


مُحَرَّمَ موٽِي آئِيو، آئِيا تان نه اِمامَ؛

مَدِيني جا ڄاَم مؤلا، مُون کي ميڙِئين.


مِيرَ مَدِينِئان نِڪِري آئِيا نه موٽِي؛

ڪارا رَڱِج ڪَپِڙا، اَدا نِيروٽِي؛

آن تنِين لَءِ لوٺِي، جي مِيرَ مُسافِرَ رانئيا.


جھيڙو لاهِ، يَزِيدَ! عَلِيءَ جي اولادَ سين؛

سا نه پَسَندين عِيدَ، جا ھُوندِي مِيرَ حُسينَ سين.


عليءَ جي اولاد سِين، جنين جهيڙيو ڪالَ،

هَئي تنين جي حالَ، جي جماتي يزيد جا.


ڳِجهِڙيَن ڳارو راتيان ڏينهان رِڻ جو

ڀُڻيون پُڇن پاڻ ۾ ڪنهن منهن ڪيڏارو

کائنِ کَڳِ مارو ڪانئِر پيو ڪِنو ٿئي.


کنڀ کسنئي ڳجهڙي، لڱين پوئي واء،

اميرن مٿاء، جيئن تو ڦلين ڇانئون ن ڪيون.


عليءَ جي اولاد سِين، جنين جهيڙيو اڄ,

ڀِئي! تنين کان ڀَڄُ، جي جماتي يزيد جا.


علي جي اولاد سين، جنين جهيڙيو هاڻ ،

مهندان پوندن ڪاڻ ، جي جماعتي يزيد جا.


حَسَنَ، مِيرَ حُسينَ جو، جن نه ھِنئَڙي جارُ؛

خالِقُ، رَبُّ جَبَّارَ، ڪِينَ مَرھِيندو تن کي.


لطيف سائين جي پوري شاعري ۾ واحد ڪربلا جو ئي واقعو آھي جيڪو سنڌ کان ٻاھر جو آھي. ان کي ڳائڻ جو مکيه سبب اھو آھي تہ ڪربلا جو واقعو مولا حسين ص جي عظيم قرباني ۽ ان ۾ موجود انسانيت جي فلسفي جي ڪري بين الا قوامي واقعو بڻجي چڪو ھو جنھن کي ڳائڻ ھڪ عظيم شاعر لاءِ لازمي ھو نہ تہ سندن عالمي فڪر تي سواليا نشان اٿي پئي سگهيو تہ ھيڏو وڏو شاعر ايڏي وڏي عظيم واقعي کان ڪيئن اڻڄاڻ رھي ٿي سگھیو ۽ سائين پاڻ بہ اھلبيت ھوندي, فرض سمجھي بہ ان کي ڳايو.


جيئي لطيف

Comments

Popular posts from this blog

ILIM DOLAT SE BEHTAR HAI

ABDULLAH SHAH GHAZI