صوفی فقیر سیّد انور علی شاھ جو کلام

 (ڪافي)


اھڙو عشق بھادر آھي ڙِي اديون 


ھڪ بي حد بي اختيارِي ٻيو خلق ساري جي خوارِي

ٽيون سِرڏيڻ جي تيارِي  چوٿون  پير نه پوئتي ھٽائي ڙِي اديُون


ھڪ ڪِجليُون آھن قھرِي ٻيو تير ھڻن ٿيون زھرِي

ٽيون  باز برھ جا بحرِي  چوٿون نازن ساڻ نوائي ڙِي اديُون


ھڪ حُسن بيٺو جَنگ جوڙي ٻيو خيال خُودي جا کوڙي 

ٽيون تير ھڻي ٿو جوڙي چوٿون سيني اندر سٽڪائي ڙِي اديُون


ھڪ خيال خُودي جا کائي ٻيو ننگ ناموس وڃائي

ٽيون جان جسم کي جلائي چوٿون پتنگ جيان پچائي ڙِي اديُون


ھڪ شَوق شيوَن جو شورِي ٻيو لاتائِين اندر ۾ لورِي

ٽيون جِيءَ جھڄڻ جي جھورِي چوٿون  ”انّور“ سان ته اَلائي ڙِي اديُون


صوفي فقير سيّد انّور علي شاه بخاري القادري السروري


درگاه عاليه جھانپورشريف


ضلعو گھوٽڪي سنڌ


Comments

  1. ڪَل ڪلمي دِي تڏان پيوسي جڏان ڪلمي دل نُون ڦڙيا ھُو .

    کول دروازا حقيقت والا وچ اندر دي وڙيا ھُو .

    العشق ناراً يُحرَڪ ماسوا الله غير گمانون سڙيا ھُو .

    مئين ڪلمي نون ڪِيوين پڙھان ”علي انور“ جو ڪلمي سانون پڙهيا ھُو .

    ReplyDelete

Post a Comment

Popular posts from this blog

ILIM DOLAT SE BEHTAR HAI

ABDULLAH SHAH GHAZI