شیر اور کتے کی کھانی

 شينهن ڪتي کان پڇيو: تو انسانن کي ڪيئن ٿو ڀائين؟ 

ڪتي جواب ڏنو: ”جڏهن هو ڪنهن کي حقير سمجهندا آهن ته ان کي ڪتو ڪري سڏيندا آهن

شينهن: ڇا تون انهن جا ٻچا کائين؟ ڪتو: نه

 شينهن: ڇا تو انهن کي دوکو ڏنو؟ 

ڪتو: نه 

شينهن: ڇا تو انهن جا ڍور ماريا؟ ڪتو: نه 

شينهن: ڇا تو هنن جو رت پيتو آ؟ ڪتو: نه 

شينهن: ڇا تو هنن کي منهنجن حملن کان بچايو؟ 

ڪتو: ها 

شينهن: ڀلا انسان بهادر ۽ هوشيار کي ڇا چوندا آهن؟ 

ڪتو: اهي هن کي شينهن ڪري سڏيندا آهن

شينهن: ڇا اسان توکي شروع کان اها صلاح نه ڏني هئي ته اسان سان گڏ شينهن ٿي رھ، پر تو انسانن جي حفاظت جو ٺيڪيدار بڻجڻ پسند ڪيو. مان انهن جي ٻارن ۽ ڍورن کي ماريندو آهيان، انهن جو رت پيئندو آهيان، انهن جا وسيلا ۽ محنت ناس ڪري ڇڏيندو آهيان، پر پوءِ به هو نه رڳو مون کان ڊڄندا آهن پر پنهنجن هيروز کي شينهن سڏيندا آهن. 

تو کي اڄ اھو سکي ڇڏڻ گھرجي ته ”انسان پنھنجن جلادن جي آڏو سر نمائي ڇڏيندا آهن پر پنھنجن وفادارن ۽ همدردن جي بي آبروئي ڪندا آهن“.


Comments

Popular posts from this blog

ILIM DOLAT SE BEHTAR HAI

ABDULLAH SHAH GHAZI