خلائی دوربین

 10 ارب آمريڪي ڊالر جي ماليت سان تيار ڪيل جيمزويب خلائي دوربين جو ھڪ سال مڪمل، ان دوران ورتل سندس تصويرون,

ٽيرنٽيولانيبولا زمين کان 1 لک 61 ھزار نوري سال، ۽ ھتي ھزارين ستارا پيدا ٿي چڪا آهن ،

پلرزآف ڪريئيشن ، ڪيرائنانيبولا، ڪارٽ وھيل گليڪسي، سيارو نيپچون، اورائن نيبولا، زمين کان 1350 نوري سال، ڊائمورفورس ھڪ خلائي پٿر جنهن سان ناسا ھڪ خلائي جھاز ٺڪرائي ان جو رخ موڙڻ جو تجربو ڪيو تہ جيئن مستقبل۾ اھڙن آوارا خلائي پٿرن کان زمين کي بچائي سگھجي، جيمزويب خلائي دوربين ان ٽڪر دوران تصوير ورتي ، ڊبليو آر 140 ھڪ ستارو جيڪو پنهنجي زندگي پوري ڪري رھيو آھي ۽ گئس کي خلا ۾ ڦٽو ڪري رھيو آھي ، فينٽم يا ايم 74 گيليڪسي ، زمين کان 3 ڪروڙ 20 لک ڪلوميٽر جي فاصلي تي واقع آھي، 

ھڪ نوري سال مان مراد روشني جيڪو سال ۾ سفر ڪري، نوري سال 94.6 کرب ڪلوميٽرن جي برابر ھوندو آھي،

جيمزويب خلائي دوربين انسان ذات جو ھڪ عظيم ڪارنامو آهي جيڪا ڪائنات۾ اسان کي پنهنجي حيثيت سان روشناس ڪرائي ٿي،

ھي ھڪ انفراريڊ ٽيلي اسڪوپ آھي ھي آسمان جي انھن روشنين کي بہ ڏسڻ جي قابل آھي جنھن کي انسان جي اک نہ ٿي ڏسي سگھي.

ماھر فلڪيات ھن جي ذريعي آسمان جي مختلف حصن جو جائزو وٺڻ ۾ مصروف آهن ۽ اسان تائين اھڙيون تصويرون ۽ معلومات پھچائيندا رھن ٿا.





Comments

Popular posts from this blog

ILIM DOLAT SE BEHTAR HAI

ABDULLAH SHAH GHAZI