حکیم وادھو مل جیکب آباد پُراسرار شخصیت ایک فقیر


 سنڌ جو پراسرار حڪيم واڌو مل 

               يادگيريون  

عبدالغني مڱريو                             

 سندس دواخانو سکر  کان ڪوئٽه ويندڙ روڊ تي جيڪب آباد شھر کان ڪجھ ميل پھرين مين روڊ  تي آباد نالي ڳوٺ ۾ ھيو  مونکي ٻڌايو ويو ھيو ته حڪيم واڌومل منجھند ھڪ بجي کان ٽين بجي تائين مريض ڏسندو آھي ان ڪري 1997 جي شروع ڌاري مان اڌ ڪلاڪ اڳ سندس دواخاني تي پھچي ويس  دواخانو ڪجھ قدمن جي فاصلي تي ھيو روڊ کان دوا خاني تاءين ويڪري  ڪچي سڙڪ ھءي

 ٻه ڏکڻ منھ ڪچيون ڪکايون ڪوٺيون  ۽ انھن جي اڳيان ڪکائون ڇپرو ھيو ڪمرن جو فرش به ڪچو ھيو ڪنڊ ۾ دوائن جي ٽيبل ۽ پراڻو ڪٻٽ  ديوار ۾ لڳل ھيو  حڪيم صاحب جي ويھڻ واري جاء تي عورتن واري ڪمري ڏانھن ديوار جو ڪجھ حصو کليل ۽ان تي پردو لڳل ھيو مريضن جي لاء  پراڻا موڙا ۽ پراڻي ڪاٺي جون بينچون پيل  ھيون  ديوار تي ڪاٺ جي تختيء تي قرآن پاڪ ۽ ان جي مٿان تازا گلاب جا گل پيل ھئا ۽  حڪيم صاحب جي دھلي جي سند سان گڏ ٻه قرآني آيتن جا ڪيلنڊر به لڳل ھيا مان حيرانگي مان ھر شيء کي ڏسي رھيو ھيس عجيب پراسرار قسم جو ماحول ھيو دواخاني ٻاھران ھڪ  اڌڙوٽ عورت زمين تي ڪپڙو وڇائي ويٺل ھئي ان جي اڳيان خالي شيشي جون بوتلون ۽ لوھ جون ڍڪڻ سان دٻليون پيل ھيون ۽ اھا مائي  مريضن کي ترتيب سان ويھاريندي پئي وئي ٺيڪ ھڪ بجي ھڪ ڪراڙو شخص ننڍو قد  ننڍي ڏاڙھي ھٿ ۾ کجي جي ڦرھن جي سامان سان ڀريل ڇلي ڪڻڪ رنگو ۽ عمر  ستر پنجھتر سال دواخاني ۾ داخل ٿيو سلام ڪري سڀني کي ھٿ ڏئي ڇليء مان دوائن جا شيشا  ۽ ڊٻا ڪڍي ٽيبل تي رکيائين ۽ پوء  موڙي تي ويٺو ۽ مريض ڏسڻ شروع ڪيائين مونکان پھرين ٻه ٽي مريض آيل ھئا ۽ مرد ڪجھ اندر ڪجھ ٻاھر ڇپري ھيٺان ويٺل ھيا پھريون مرد مريض ھيو ان کي قميص ۽ اندران پاتل گنجي لاھي پيٽ ۽ سينو اگھاڙو ڪرڻ لاء چيائين ۽ کيس بوٽ جورابا لاھي ڪچي فرش تي پيرن جا آڱوٺا ملائي بيھڻ جو چيائين  پوءحڪيم صاحب جون  نظرون مريض جي پيٽ ۽ سيني تي کتل ھيون ۽ ٻن منٽن کانپوء ڪپڙا ۽ بوٽ پائڻ جو چئي مريض کي بغير نبض ڏسڻ جي ۽ ان جي ٻڌائڻ جي مريض کي سندس تڪليف ۽ مرض بابت ٻڌائي رھيو ھيو ۽ مريض سندس ڳالھين جي تصديق ڪري رھيو ھيو پوء پاڻ بيٺي پير مريض جون دوائون ٺاھڻ لڳو مريض کي ٻاھر ويٺل عورت کان شيشو ۽ ڊٻي وٺڻ جو چيائين ان کي ڪک معجون گوريون عرق ڏئي کائڻ جو طريقو ۽ پرھيز ڏسيائين ھر مريض اٺن ڏھن ڏينھن جي دوا وٺي رھيو ھيو پئسا لڳ ڀڳ ھفتي جا ھزار پنڌرھن سوء يا ڪجھ گھٽ وڌ وٺي رھيو ھيو عورت مريضن ۾ پھريون نمبر منھنجي گھر واري جو ھيو مان حيران ٿي ويس ھوء پردي پٺيان ويٺل ھئي کيس اشھد آڱر ڏيکارڻ لاء چيائين ڪجھ دير کانپوء مرض ۽ مريض جي تڪليف بابت ھن  جيڪي سو سيڪڙو صحيح  ڳالھيون ٻڌايون مان  ٻڌي حيران ٿي ويس ۽ پوء پڇيائين ته ھن سکر واري مائي سان گڏ ڪير آھي مان ٻڌايومانس ته منھنجي گھرواري آھي مونکي ڪاوڙ مان چيائين ته تو ھن عورت سان ايڏو وڏو ظلم ڇو ڪيو مان پريشان ٿي ويس مونسان ٿلھو ميڊيڪل فائيل گڏ ھيو چيومانس ته ڇھن ستن سالن کان مون ھن جو ڪراچي جي وڏين اسپتالن مان علاج ڪرايو آھي ٽيسٽون ڪرايون آھن   چياءين ت  تو ھڻ جو ٻارن بند ڪرڻ جو آپريشن  ڇو ڪرايو جيڪو ست سال اڳ 1990 ۾ چوٿين ٻار کانپوء ٿيل ھيو منھنجي مٿي کي چڪر اچي ويو  ته ھي حڪيم آھي يا جادوگر مونکي پريشان ڏسي چيائين ته دل نه لاھ ھيء ٺيڪ ٿي ويندي ۽ پنڌ ڪندي آئندھ ھن کي تڪليف نه ڏجان اڪيلو ھي پرچو کڻي اچجانء پرچي تي ھڪ لفظ ديوناگري  نموني جو لکي پوء ان پني تي مونکان لکرايائين ته معجون گوريون ڪک ۽ عرق ڪيئن استعمال ڪرڻا آھن پرھيز ٻڌايائين  ان کان علاوه  ٿڌي شيء  جي استعمال کان سختي سان منع ڪيائين  ۽ پوء ھر آچر تي منھنجا آباد جيڪب آباد جا پنڌ شروع ٿيا منھنجي گھرواري منھنجي ماروٽ آھي منھنجي گھرواري جو ڏاڏو (منھنجو نانو )  پير ڳوٺ سان تعلق رکندڙ حڪيم مولوي محمد صالح ميمڻ ۽  ان جو واالد حڪيم عبدالرحمان ميمڻ سنڌ جا چوٽي جا حڪيم ھئا 

اھا ڳالھ جڏھن مون حڪيم واڌو مل کي ٻڌائي ته ھن مسڪرائي چيو ته ھو انھن جي نالن کان واقف آھي پوء ھو منھنجو تمام گھڻو خيال ڪندو ھيو ۽ مونکي احوال وارو مريض چئي جلدي فارغ ڪري ڇڏيندو ھيو  باقي ھو نمبر تي ڪم ھلائيندوھيو ڪنھن وڏي ماڻھو جي اچڻ تي ڪنھن به غريب کي پنھنجي جاءء تان نه اٿاريندو ھيو مون MNA  ۽ ڪيترن MPA کي گاڏين ۾ انتظار ڪندي ڏٺو  طبيعت ۾ بھتري اچڻ ء سور جي شڪايت ختم ٿيڻ تي مون کي ھر آچر جو بيچيني سان انتظار ھوندو ھيو مان اڪيلو ويندو ھيس  پرچو ڏسي مريض جي طبيعت ۽ ڪنھن بد پرھيزي بابت بلڪل صحيح ٻڌائيندو ھيو ھڪ ڏينھن آچر تي پرچو ڏسي سخت ڪاوڙ ۾ اچي ويو چيائين ميان تون روز 12 ڪلاڪ بئنڪ ۾ ڪم ڪري پنھنجو موڪل وارو ڏينھن به ڪشالا ڪري ھيڏانھن اچين ٿو ھوڏانھن سکر ۾ تنھنجي گھرواري برف سان راند ٿي کيڏي علاج جو ڪو فائدو ڪونھي مان دوا وٺي سکر گھر آيس ۽ گھرواري کان جڏھن پڇا ڪئي ته ھن ٻڌايو ته ريفريجريٽر ۾  برف ( فراسٽ) جمع ٿي ويو ھيو اھو کرپين ۽ ھٿن سان صاف ڪيو ھيم پوء منھنجي پوري ڳالھ ٻڌي سخت پريشان ٿي وئي خاندان جا مولوي گڏ ٿيا چيائون ان حڪيم کي جنات جي مدد حاصل آھي مان واري گھر واري خوف زده ٿي وئي علاج بند ڪرڻ جو چيائين مون کانئس پڇيو ته فائدو سمجھين ٿي چيائين ھا پوء مان چيو علاج جاري رھندو مولوين مونکي چيو آيت الڪرسي ۽ سورت فلق ۽ سورت ناس جو ورد ڪيو ھو ڪجھ به نه ٻڌائي سگھندو مون۔  باوضو ايئن ڪرڻ شروع ڪيو پر ھو پاڻ وڏو پھتل ٻانھو ھيو آذان جي ٽائيم چوندو ھيو بابا نماز پڙھي اچو ماڻھن جا پئسا کٽل ھوندا ھيا ته چوندو ھيو بابا پوء ڏجو ۽ قرآن ڏي اشارو ڪري چوندو ھيو ضامن اھو اٿو´ اسانجي مائٽن ۽ واقف ڪار ڊاڪٽرن مونکي ۽ منھنجي گھر واري کي ڀو´ ڏيڻ شروع ڪيا ته اڄڪلھ حڪمت آھي ئي ڪانه اھي حڪيم ڪارٽيسون ۽ اسٽرائڊ ملائي ڏين ٿا جنھن سان وقتي فائدو ته آھي پر اڳتي جي لاء ان جا تمام خراب اثر آھن ان ڪري مون حڪيم صاحب کي ڪراچي وڃڻ جو چئي مھيني جي دوائن ڏيڻ لاء چيو ۽ پوء ڪک معجون گورين  ۽ عرق جو وڏو حصو ڌار ڌار کڻي ڪراچي روانو ٿيس جتي ادا وڏو وفاقي سرڪار جي دوائن واري کاتي ۾ ڊرگ ڪنٽرول جو وڏو آفيسر ھيو ان وفاقي سرڪار جي ليباريٽري ۽ سنڌ  سرڪار جي ليباريٽري مان ڌارڌار وڏن PHD ڊاڪٽرن کان سيمپل چيڪ ڪرائي ڏنا انھن ٻڌايو ته ھنن دوائن ۾ ڪوبه ڪارٽيسون اسٽرائڊ يا نقصانڪار شيء ڪونھي اطمينان ٿيو حڪيم صاحب ڪنھن پوشيده مرض ياخراب عادت وارن مريضن کي چوندو ھيو ڍڪي ڳالھايان   يا کولي ڳالھايان پوء ڪن کي پاسيرو ۽  جيڪي اجازت ڏيندا ھيا انھن کي آھستي ڀرسان اچي  ٻڌائيندو ھيو اھي شرم ۾ ٻڌي ويندا ھيا اسان کي کل ايندي ھئي ھڪ دفعي ھڪ وڏو آفيسر جنھن کي اولاد نه ھئي طبيعت ڏيکارڻ آيو ۽ کيس ڏسڻ کانپوء مسڪرائي مبارڪ ڏنائين ۽ چيائين ته مان علاج شروع ڪيان ٿو الله بھتر ڪندو توھان صاحب اولاد ٿيندئو اولاد نه ٿيڻ جو سبب گردن جو سائيز ۾ وڏو   ھجڻ آھي ھو صاحب سخت پريشان ٿي ويو ھو ڪيترائي ملڪ گھمي چڪو ھيو ھيء نئين ڳالھ ٻڌي پريشان ٿي ويو پڇا ڪرڻ تي کيس ٻڌايو ويو ته اسلام آباد جي ھڪ اسپتال ۾ اھا مشين آھي جيڪا عمر وزن باڊي فريم ۽ قد بت جي حساب سان گردن جي سائيز جي ٽيسٽ ڪندي آھي  ھو صاحب جھاز تي اسلام آباد مان ٽيسٽ ڪرائي رپورٽ کڻي آيو  جيڪا ڳالھ واڌو مل ڪئي ھئي اھا صحيح نڪتي ۽خوشي جي ڳالھ اھا ته کيس ڏيڍ سال کان پوء پٽ ڄائو ديوان واڌو مل وٽ مون سڄي سنڌ  ۽ ٻاھرين ملڪن ۾ ڪمائيندڙ سنڌي مريض ڏٺا ھو مونکي ٻڌائيندو ھيو ته ھو دوائون پاڻ گھر ۾ تيار ڪندو آھي  ۽ جڏھن 1998 م ڪراچي اندر حڪيم سعيد جو قتل ٿيو  ته مون کانئس پڇيو اوھانجي حڪيم سعيد سان ملاقات ھئي ديوان صاحب ٿڌو ساھ ڀريو ۽ چيائين ته وڙھي يار ٿياسي ھو تمام وڏو حڪيم ضرور ھيو پر حڪمت کي بزنس ڪري ھلائيندو ھيو احوال وڏو آھي چئين بجي تائين ويھڻو پوندئي مان چيو سائين مان ويٺو آھيان ۽ مون اڍائي ڪلاڪ انتظار ڪيو ان قصي ٻڌڻ جي اڻ تڻ ھئي آخر ديوان واڌو مل فارغ ٿيو مونکي ٻڌايائين ته ”” ڏھاڪو سال ٿيندا اتر سنڌ جي ھڪ وڏي خاندان جي غير شادي شده نوجوان ڇوڪري ڪراچي ۾ ڪاما ۾ ھلي وئي ھئي ڇوڪري ٻه ٽي مھينا اسپتال ۾ داخل ھئي آخر ڊاڪٽرن نڪ ۾ نلڪي ھڻي ان کي اسپتال مان ڊسچارج ڪري گھر ۾ نلڪي رستي خوراڪ ۽ نرسنگ ڪيئر لاء چيو ان ڇوڪري جا مائٽ تر جا اشراف ۽ معزز ماڻھو ھئا  مون وٽ آيا ته ڪراچي  ھلو مان پنھنجي ھن کولي مان نه نڪرندو آھيان پر نياڻي جي تڪليف ڪري ۽ معززن جي ڪري مون ڪراچي وڃڻ جو فيصلو ۽ ڪجھ ضروري دوائون گڏ کنيون ۽ دواخاني کي تالو ھڻي انھن سان گڏ ڪراچي روانو ٿيس اتي پھچي مان ان ڇوڪري کي ڏٺو ۽ مرض سڃاڻي ويس ۽ پوء مون چيو ھن گھر جو وڏو ڪير آھي ھڪ ماڻھو سامھون آيو ان کي پاسيرو وٺي چيم ته مان مرض سڃاڻي ويو آھيان مونکي سچ ٻڌاء ته ڇا ٿيو ھيو ھن روئيندي ٻڌايو ته مريضه سندس ننڍي ڀيڻ آھي  گھر ۾ مان  گھرواري  ۽ ھڪ  ننڍو ٻار  رھندا آھيون رات جو ڪمري جو در بند نه ھيو ھوء اچانڪ ڪمري ۾ آئي ۽ اسانکي ان حالت ۾ ڏٺو ٻاھر وئي ۽ پوء ڪري پئي پوء اتي اچانڪ آواز آيو ته حڪيم سعيد ٿو اچي اھو ٽن چئن ڏينھن کان مسلسل ڇوڪريء کي ڌسڻ ايندو ھيو ڇو ته منھنجو آسرو گھٽ ھين ڊگھو قدآور جوان ڳاڙھو ڳٽول تيز تيز ڳالھائي رھيو ھيو مون کيس سلام ڪيو جواب نه ڏنائين مون کيس ويجھو وڃي چيو حڪيم صاحب عرض ڪا علاج ڪيا يا مرض ڪا علاج ڪيا ھن کي سمجھ ۾ نه آيو پاڻ تي ٽوڪ سمجھي الر ڪري وڙھڻ لاء وڌيو پر ميزبانن کيس پڪڙي روڪي ورتو ۽ ٻڌايو ته ھي سنڌ جو مشھور حڪيم واڌو مل آھي ڪاوڙ ۾ چيائين ڦر مجھي ڪيون بلايا پوء ھليو ويو مونکي اصل صورتحال اتي ٻڌائن ھا ته مان اھي دوائون کڻي اچان ھا پر مون مالڪن کي چيو ته مان علاج جي شروعات ڪيان ٿو ھي ڇوڪري ڪجھ ديرکانپوء ھوش ۾ ايندي ڳالھائيندي پاڻي گھرندي پوء سندس زبان آلي ڪرائبي پوء  وري ننڊ ۾ ھلي ويندي الله ڪندو ڪجھ ڏينھن ۾ ٺيڪ ٿي ويندي پو مان دوائن جو ٿيلھو کولي ڪجھ ڪکن جو سفوف تيار ڪيو ۽ کين چيو ته ڇوڪري جا ويجھا عزيز  ويجھو اچن ۽ ھي پورو پائوڊر ڇوڪري جي نڪ ۾ وجھي ڦوڪان ڏئي مٿي چاڙھيو ۽ کين مٿي ھيٺان ڏنل وھاڻو ڪڍڻ جو چيو ٿوري دير ۾ پورو سفوف ختم ٿي ويو مون کين چيو پنج منٽ نڪ ۾ ڦوڪان ڏيندا رھو جيئن سڄي دوا دماغ تائين پھچي اڌ ڪلاڪ کان پوء ڇوڪري ء جي ڪنن مان گند وھڻ شروع ٿي ويو ۽ پوء ڇوڪري لڇڻ پڇڻ شروع ڪيو ۽ادا ابا۽امان جا جھيڻا آواز ڪڍڻ شروع ڪيا ۽ پوء اکيون کوليون سندس زبان آلي ڪرائي وئي ۽ پو ڇوڪري وري بيھوش ٿي وئي ان کان پوء  واڌو مل ٻڌايو ته ھن ڪراچي جي مارڪيٽ مان پاسارين جي دڪانن تان ڪجھ ضروري جڙي ٻوٽين خريد ڪرڻ ويس پر ڪٿي به نه مليون سڀني ايئن چيو ته حڪيم سعيد جو ڪارخانو آھي اھو وڏي پيماني تي ٻاھرين ملڪن ۽ انڊيا مان گھرائيندو آھي ٻئي ڏينھن صبح جو سوير ميزبانن جي گاڏي ۾ بندر روڊ ڀرسان رام باغ واري گھٽي ۾ ان سان ملڻ ويس جتي ھو فجر جي نماز کان پوء ٻه ڪلاڪ مريض ڏسندو ھيو حڪيم سعيد کي ان ڳالھ جي خبر پئجي چڪي ھئي ته ڇوڪري ھوش ۾ اچي ڳالھايو به آھي ھن جيئن مونکي ڏٺو ٽپو ڏئي اٿيو ۽ اچي ڀاڪر پاتائين چمي ڏنائين ۽ معافي گھرندو رھيو  مون کيس چيو منھنجي دل ۾ ڪجھ ھجي ھا ته ھتي نه اچان ھا مون کيس اچڻ جو مقصد ٻڌايو ھن سڀ دوائون نوڪرن کي تيار ڪرڻ جو چيو مون پاڻ اتي ويھي انھن کي سمجهايو چانھ پيتي ڪلاڪ کن ۾ ھو پاڻ به مريضن مان فارغ ٿي اچي ويو ڪجھ دوائون تيار ھيون ڪجھ شام تائين ملڻيون ھيون سڄو ڏينھن مونسان گڏ ھيو وڏي خدمت ڪيائين ڪچھري ۾ حڪمت جي ڳالھين ۾ ھو تمام گھڻو متاٽر ٿيو تيار دوائن جا پئسا به نه ورتائين ۽ پوء جيترا ڏينھن مان ڪراچي ۾ ھيس ھن جي گاڏي روز مونکي کڻڻ ايندي ھئي روز  دعوت ڪندو ھيو پنھنجا باغ جتي ھو ڪافي جڙيون ٻوٽيون پاڻ به پوکيندو ھيو ڏيکاريائين دوائن جو ڪارخانو به ڏيکاريائين ۽ پنھنجو روح افزا شربت ٺھندي  ڏيکاريائين جنھن کيس ارب پتي ڪي ھيو ھمدرد سان لاڳاپيل سڀ ادارا ڏيکاريائين تمام مصروف ۽ وڏو ماڻھو ھيوآخر ۾ پنڌرھن ويھن ڏينھن کانپوء ڇوڪري بلڪل خوش ٿي وئي  مون واپس ورڻ جو ارادو ڪيو ۽ حڪيم سعيد کان موڪلائڻ ويس وڏا ڀاڪر پاتائين ۽ پوء پڇيائين يي سب ڪيسا لگا چيومانس پاڻ ٻئي دھلي مان حڪمت  پڙھيل آھيون حڪمت ۾ ڪافي دوائون اھڙيون آ ھن جيڪي ٺڪر جي ڪني ۾ ڇيڻي جي باھ تي ٺھڻيون آھن اھي اوھان بجلي جي بٺين ۾ تيار ٿا ڪيو ان ۾ اثر ئي نه ھوندو چيائين طلب و ڌيڪ آھي ان ڪري ايئن ڪرڻ مشڪل آھي چيومانس آپ حڪمت نھين بزنس ڪرتي ھين““                                                                       مان خوشنصيب آھيان جو  سرڳواسي حڪيم ديوان واڌو مل مونسان ڪچھريون ڪندو ھيو علاج کي به ٻه سال ٿيڻ وارا ھيا مونکي چيائين ته تون مجبور آھين تو ڪوشش ڪئي پر ڪافي دفعا بد پرھيزي جي ڪري حڪمت جا اثر ابتا ٿين ٿا اوھان سال کن آرام ڪيو پوء مان نئون علاج شروع ڪندس ۽ پوء توھان کي نياپو ڪندس پوء سندس طبيعت خراب رھڻ لڳي  مان پڇڻ ويو مانس ته چيائين بابا ھاڻي زندگي جي دعا نه ڏيو اھا پوري ٿي وئي آھي حڪيماڻي گادي لاء ٻڌايائين ته ڀائٽي کي حڪمت ايندي آھي پر ان کان ڪم نه ھلندو ھي خدمت ۽ عبادت جو ڪم آھي  حڪيم واڌو مل ڪجھ سالن کانپوء گزاري ويو  سنڌ جي ھن زبردست ۽ پراسرار حڪيم تي تحقيق ٿيڻ کپي ت ھن کي ڪھڙي طاقت ھئى ڪھڙو راز ھيو جنھن ھن کي ان منزل تي پڄايو ........!                                                

 ھي يادگيري  2017 ۾ محترم خالد ٻانڀڻ  عبرت جي بيوو چيف سنڊي ايڊيشن ۾ ڇپرائي ھئي تڏھن بينڪ ۾ آخري سال ھيو  نئون لکڻ شروع ڪيو ھيو ڳالھ ساڳي آھي ٿورڙي جملن جي ترتيب سيٽ ڪئي اٿم.۔  ۔ ۔ ۔ ۔ ۔   سرڳواسي ديوان واڌو مل جي تصوير لاء سندس پوٽي ڊاڪٽر رويش ڏوڏيجا جا لک ٿورا......,.. . . . . . . . .  !نوٹ حکیم وادھو مل گوشت لینے میرے پاس رند مٹن شاپ کاشی رام پل جیکب آباد آتے تھے وہ جیکب آباد   شھر میں رھتا تھا اور ان کے ساتھ اچھی جان پھچان بھی تھی ,بابل رند جیکب آباد سندھ

Comments

Popular posts from this blog

ILIM DOLAT SE BEHTAR HAI

ABDULLAH SHAH GHAZI