جانورن سان ظالمانوں ورتاء بند کرو

 جانورن سان ظالماڻو ورتاءُ ڪرڻ خلاف سزائن جا قانون

صالح ميمڻ

ڪو به مذھب ان ڳالھ جي ڪنھن کي به اجازت نه ٿو ڏئي ته جانورن (ساھ وارن) سان ظالماڻو رويو اختيار ڪيو وڃي، اسلام جانورن سان ظلم واري عمل کي گناھ قرار ڏئي ٿو، پاڪستان ۾ جانورن سان غلط ۽ ظالماڻن روين خلاف ۱۸۹۰ع کان سزائن وارو قانون لاڳو آھي، قانون ۾ جانورن سان ظالماڻن روين جي شڪلين کي ھن طرح چٽو به ڪيو ويو آھي. 

جانورن سال ظلم ڪرڻ واريون صورتون: 

(۱) ڪنھن جانور کي سختيءَ سان گھڻو تيز ڊوڙائڻ، تشدد ڪرڻ يا اھڙو سلوڪ ڪرڻ جنھن سان ان جانور کي گھڻي تڪليف ٿيندي ھجي. 

(۲) يا ڪنھن جانور کي اھڙي طرح سوگھو ٻڌڻ، يا اھڙي طرح ھڪ کان ٻي جاءِ تي کڻي وڃڻ يا اھڙي بار برداري ڪرائڻ جنھن سان ان جانور کي غير ضروري تڪليف پھچندي ھجي، 

(۳) يا ڪنھن جانور کي بک يا اڃ ۾ رکڻ يا سوڙهي جاءِ ۾ رکڻ جنھن سان ان کي اذيت رسندي ھجي،

(۴) ڪنھن جانور کي ظالماڻي انداز سان مارڻ ”ساھ ڪڍڻ“

(۵) يا ڪنھن جانور کي ڪنھن اھڙي جاءِ تي رکڻ يا ڇڏي اچڻ جتي ھو بک ۽ اڃ سبب تڪليف مان گذري. 

اسان وٽ جانورن کي ڏنڊن، چھبڪن سان سخت اذيت رسائي وڃي ٿي، گڏھن جي پٺيءَ کان رسا ٻڌي انھن کي زخم رسايا وڃن ٿا، زخمن مٿان گسندڙ سخت رسيون برقرار رکيون وڃن ٿيون، مال پڙين ۾ مينھن جي تازن ڄاول ڦرن کي مينھن کان زبردستي الڳ ڪري وڪرو ڪيو وڃي ٿو، جن کي ٽرڪن ۾ ھڪ ٻئي مٿان سٿي وڏين تڪليفن مان گذاريو وڃي ٿو، مينھن جا واپاري مينھن جا تازا ڄاول ڦر الڳ ۽ برقت وڪرو ڪن ٿا جنھن سان مينھن جي ممتا کي سخت تڪليف مان گذرڻو پوي ٿو ۽ چيو وڃي ٿو ته ننڍڙن ڦرن کي وڏن شھرن ۾ ذبح ڪري انھن کي ھوٽلن ۽ گھرن ۾ ننڍي گوشت ۾ کپايو وڃي ٿو، جانورن جو شڪار ته عام ڳالھ آھي، پر قرباني واري عيد تي مختلف علائقن ۾ جانورن کي فائرنگ ڪري گولين سان ماري بعد ۾ ذبح ڪرڻ جا به منظر نظر ايندا آھن، ٻڌل جانورن کي رائيفل جون گوليون ھڻي زخمي ڪري ڪيرائڻ بعد انھن کي حيوانن وانگر ذبح ڪرڻ جا منظر به سڀني ڏٺا ھوندا. شھرن ۾ ڪتا مار مھم لاءِ اختياريون پيسه بچائي نقلي زھر خريد ڪن ٿيون جيڪو ڪتن کي اذيت ناڪ انداز ۾ تڙپائي تڙپائي ماري ٿو، ان کان ته بھتر اھو آھي ته ڪتن کي مارڻ لاءِ فائرنگ ڪجي ۽ انھن کي مغز واريون گوليون ھڻجن، ته جيئن انھن جي موت جو مرحلو آسان ٿئي، وڏن شھرن ۾ ڪڪڙين کي ذبح ڪرڻ جو طريقو به انھن جي سرن کي ڪتر ڪرڻ وارو اختيار ڪيو ويو آھي، ان طرح ھڪ منٽ ۾ ۱۰۰ ڪڪڙيون ذبح ٿيو وڃن، انگريزن جانورن جي آسائش لاءِ پاڻيءَ جي حوضن ۽ ڇانورن جابندوبست ڪيا ھئا، مگر اسان جانورن سان انسانن بجاءِ حيوانن وارو سلوڪ اختيار ڪري ڇڏيو آهي. 

جانورن سان ظلم ڪرڻ تي رکيل سزائون. 

قانون جي شق ۳ (اي) تحت جانور کي ناجائز طور تي تڪليف رسائيندڙ کي ھڪ مھيني تائين جيل جي سزا ملي سگھي ٿي. قانون جي شق ۴ تحت جيڪو شخص کير ڏيندڙ جانور مان سختي يا ڪنھن غلط طريقي سان وڌيڪ کير حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته ان معاملي ۾ ان شخص کي ۲ سالن تائين قيد جي سزا به ملي سگھي ٿي، کير ڏيندڙ جانورن جي واڙن ۾ جانورن کي آڪسيٽوسن جون انجيڪشنون ھڻي انھن جي مسلس کي لوز ڪري انھن مان وڌيڪ کير حاصل ڪرڻ جو غير قانوني نسخو ۴۰ سالن کان لڳاتار جاري آھي. ان خلاف ڪنھن به اٿارٽي ڪو به ايڪشن ناھي ورتو ۽ نه اھو ڏٺو آھي ته آڪسيٽوسن جي مدد ۽ غلط استعمال سان پيدا ٿيندڙ کير انساني ۽ خاص طور تي ٻارن جي صحت لاءِ ڪيترو خطرناڪ آھي، قانون جي شق ۵ تحت اگر ڪنھن شخص وٽ ٻڪري جي اھڙي کل موجود ھجي، جنھن ٻڪري بابت اھا ڳالھ ثابت ھجي ته ان ٻڪريءَ کي ظالماڻي طريقي سان ماريو ويو ھو ته ان شخص کي ۳ مھينن تائين قيد جي سزا ڏئي سگھجي ٿي، قانون جي شق 6 تحت اگر ڪو شخص ڪنھن اھڙي جانور کي ڪنھن ڪم سان لڳائي جيڪو بيمار، معزور يا زخمي ھجي يا ڪم لاءِ موزون نه ھجي، ڪم ڪندي اھو جانور وڌيڪ تڪليفن مان گذري ته اھڙي شخص لاءِ به سزا طئي ڪيل آھي، جانورن کي ھڪ ٻئي سان ويڙھائڻ لاءِ مائل ڪرڻ به سزا جوڳو عمل قرار ڏنل آھي، جيئن ڪتن ۽ ڪڪڙن کي ويڙھائي تماشي سان گڏ جوا به ڪئي ويندي آھي. بيمار جانور کي کليو ڇڏڻ تي به سزا طئي آھي، قانون ۾ طئي آھي ته صوبائي حڪومت جانورن جي علاج لاءِ اسپتالون (INFIRMARIAS) قائم ڪنديون، جتي وٽنري ڊاڪٽرس جانورن جو علاج ڪندا ۽ اتي جانورن کي ان وقت تائين رکيو ويندو جيستائين، اھي مڪمل ٺيڪ نه ٿا ٿين. سرڪار پاران بيمار جانورن جي علاج لاءِ فنڊز رکيا وڃن ٿا وٽنري اسپتالن کي مفت ۾ دوائون مھيا ڪيون وڃن ٿيون پر وٽنري اسپتالن جا ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو اھي دوائون بيمار جانورن تائين مفت ۾ رسائيڻ بجاءِ پيسن تي ڏئي وڏي ڪرپشن ڪندا رھن ٿا، انگريزن جي دور ۾ ٺھيل جانورن جي علاج جون اسپتالون ھاڻ شھرن جي سينٽرن ۾ اچي ويون آھن، انھن تائين بيمار جانورن کي رسائڻ ممڪن ئي نه رھيو آھي سرڪاري ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو بيمار جانورن جي علاج لاءِ ايئن ڪم ڪري ٿو ڄڻ اھو ڪنھن پرائيويٽ کاتي جو عملو ھجي. جانورن ھر سال وچڙندڙ بيماريون پيدا ٿين ٿيون جن جو علاج ڪٿي به فري ۾ نه ٿو ٿئي ان صورتحال ۾ ھر سال ھزارين جانور مريو وڃن ۽ ڀاڳين کي وڏا مالي نقصان رسيو پون، جيڪي قسمت جو لکيو سمجھي صبر ڪريو وڃن، اسان وٽ جانورن بابت قانون آھن، جن تي ڪيترو عمل ٿئي پيو سو پاڻ سڀئي ڏسون پيا، نه رڳو ايترو پر انسانن سان انسانن جي سلوڪ کي ڏسبو ته جانورن بابت ھيءَ مختصر ۽ سزائن وارا قانون اڃان به وڌيڪ حيران ڪندڙ لڳندا. 




Comments

Popular posts from this blog

ILIM DOLAT SE BEHTAR HAI

ABDULLAH SHAH GHAZI